واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) معروف آمريڪي جريدي واشنگٽن ٽائيمز پنهنجي تازي آرٽيڪل ۾ 2025 کي پاڪ-امريڪا لاڳاپن ۾ انقلابي تبديلي جو سال قرار ڏنو آهي ۽ اهم انڪشافات سامهون آندا آهن۔
رپورٽ موجب، صدر ٽرمپ جي پاڪستان پاليسي ۾ حيرت انگيز ڦيرو آيو آهي، جنهن سان واشنگٽن جو “انڊيا فرسٽ” دور ختم ٿي ويو ۽ پاڪستان کي ترجيح حاصل ٿي وئي۔ هن پاليسي شفٽ جي بنياد مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ کي قرار ڏنو ويو آهي۔
آرٽيڪل ۾ فِيلڊ مارشل عاصم منير ۽ صدر ٽرمپ جي لاڳاپن جو خاص تجزيو به شامل آهي۔ ميگزين لکيو آهي ته پاڪستان اڻ وڻندڙ رياست مان شريڪ ملڪ بڻجي ويو آهي، ۽ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي اهڙي تيز رفتار اميج بلڊنگ ۽ راءِ ۾ تبديلي ناياب ۽ منفرد واقعو آهي۔ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ پاڪستان کي مرڪزي ستون قرار ڏنو ويو آهي۔
واشنگٽن ٽائيمز موجب، شروعاتي طور ڀارت کي ڪواڊ ۽ ٻين فورمز ذريعي بالادست بڻائڻ جي سوچ هئي ۽ اسلام آباد کي سائيڊ لائن ڪرڻ جي اميد ڪئي پئي وئي۔ پر ڀارت جي سياسي حالتن، شخصي آزادي تي پابندين، غير برابري واري فوجي ڪارڪردگي ۽ سفارتي سختيءَ ڀارت کي علائقائي اسٽيبلائزر طور شڪي بڻائي ڇڏيو۔
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ-امريڪا تعلقات ۾ پهريون ڀيرو خفيه ڪائونٽر ٽيررازم ايڪسچينجز مان آيو، جنهن سان واشنگٽن کي واضح تعاون جو اشارو مليو۔ مارچ ۾ صدر ٽرمپ قومي خطاب ۾ پاڪستان جي اميد کان وڌيڪ تعريف ڪئي، جنهن سان پاليسي جو رخ بدلجي ويو۔
اسلام آباد فوري طور موقعو هٿ ڪيو، هر محدود تعاون غير متوقع ڪريڊٽ ۾ بدلجي ويو، انگيجمنٽ وڌندي وئي ۽ لاڳاپا ٽرانزيڪشنل مان اسٽرٽيجڪ بڻجي ويا۔ فيصلائتو موڙ مئي جي مختصر پر شديد پاڪ-ڀارت جهيڙن مان آيو۔
واشنگٽن ٽائيمز موجب، پاڪستان جي فوجي ڪارڪردگيءَ صدر ٽرمپ کي حيران ڪري ڇڏيو۔ پاڪستاني ڊسپلن، اسٽرٽيجڪ فوڪس ۽ ايسِمٽرڪ صلاحيتون آمريڪي اميدن کان گهڻو وڌيڪ قرار ڏنيون ويون۔ مئي جي جنگ کان پوءِ ٽرمپ لاءِ ڏکڻ ايشيا جو اسٽرٽيجڪ نقشو ٻيهر ترتيب ڏنو ويو۔

