ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي جو سلسلو جاري آهي، جتي ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن (جمعي) تي به نئون رڪارڊ قائم ٿيو.
بازار حصص ۾ خريد و وڪري جي زبردست لهر سبب 1935 پوائنٽس جي شاندار واڌ سان هنڊريڊ انڊيڪس انڊيڪس 1 لک 78 هزار 291 پوائنٽس تي پهتو، جيڪو نئين بلند ترين سطح آهي.
بعد ۾ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ انڊيڪس 2359، 2413 ۽ 2664 پوائنٽس جي واڌ سان 1 لک 79 هزار 20 پوائنٽس تائين پهچي ويو.
واضح رهي ته هن هفتي دوران هر ڪاروباري ڏينهن تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد برقرار رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيڪس 1 لک 75 هزار، 76 هزار، 77 هزار ۽ هاڻي 78 هزار جي نفسياتي حدون پار ڪيون.

