پاڪستان طرفان ڀارتي پرڏيهي وزير جا الزامات سختي سان رد

Homeاهم خبرپاڪستان طرفان ڀارتي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دفتر خارجہ جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان بابت ڏنل بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان انهن غير ذميوارڻن الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي ڏکوئيندڙ ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرد سرگرمين جي ڀارتي پٺڀرائي بابت دستاويزي ثبوت موجود آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪلبھوشن ياديـو جو معاملو پاڪستان خلاف منظم، رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي هڪ واضح مثال آهي. ان کان سواءِ ماوراءِ سرحد قتل، پراڪسي عنصر ذريعي تخريبي ڪارروايون ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪن کي خفيه سهڪار ڏيڻ جا بار بار واقعا انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت جو هي رويو هندوتوا جي انتهاپسند سوچ ۽ ان جي پرتشدد حامين جي نظريي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت بدستور جمـو ۽ ڪشمير تي غير قانوني ۽ پرتشدد فوجي قبضو برقرار رکيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۾ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حقِ خوداراديت لاءِ سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي سهڪار جاري رکندو.

ترجمان وڌيڪ چيو ته سندھ طاس معاهدو هڪ بين الاقوامي معاهدو آهي جيڪو نيڪ نيت ۽ قربانين سان طئي ٿيو. ڀارت طرفان ان معاهدي جي ڪنهن به يڪطرفي خلاف ورزي سان علائقائي استحڪام کي نقصان پهچندو ۽ بين الاقوامي قانوني ذميوارين جي احترام بابت ڀارت جي دعوائن تي سوال اُٿبا.

هن زور ڏنو ته پاڪستان معاهدي تحت پنهنجن جائز حقن جي تحفظ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

فنانشل ٽائمز: 2025 ڀارت لاءِ...

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي سالياني جائزي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سال 2025 ڀارت...

پاڪستان-ڀارت ايٽمي فهرستن جي ڏي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي تنصيبن ۽ قيدين جي فهرستن جي سالياني ڏي وٺ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});