اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي تنصيبن ۽ قيدين جي فهرستن جي سالياني ڏي وٺ ڪئي وئي آهي۔ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدي تحت هر سال ٻه ڀيرا فهرستن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي، جنهن تحت اڄ پاڪستان طرفان فهرستون ڀارت جي هاءِ ڪميشنر حوالي ڪيون ويون۔
ترجمان موجب، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ قيدين جي فهرستن جي به ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ قيد شهرين جا تفصيل شامل آهن۔ هن چيو ته اهڙي عمل جو مقصد شفافيت ۽ انساني حقن جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ آهي۔
طاهر حسين اندرابي وڌيڪ چيو ته پاڪستان يمن جي وحدت ۽ خودمختياري جي حمايت جاري رکندو ۽ ڪنهن به ڌر طرفان کڻيل يڪطرفي قدمن جي مخالفت ڪندو۔ هن سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پنهنجي عزم جو اعاده ڪري ٿو ۽ يمني مسئلي جو حل سفارتڪاري ذريعي ڳولڻ جي حمايت ڪري ٿو۔
ترجمان ٻڌايو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق بنگلاديش ۾ اڳوڻي وزيراعظم خالدہ ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مرحومه جي پٽ سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي ۽ بنگلاديش جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر سان به ملاقات ڪئي۔
هن چيو ته پاڪستان اسرائيل طرفان صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ کي رد ڪري ٿو ۽ صوماليه جي خودمختياري جي حمايت جاري رکندو۔ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ او آءِ سي سان گڏجي هڪ پڌرائي جاري ڪئي، جنهن ۾ صومالي لينڊ جي مذمت ڪئي وئي۔
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اسحاق ڊار کي تبوڪ جي گورنر ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير فون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ ازبڪستان جي صدر جي ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري بابت به ڳالهه ٿي۔ صوماليه جي پرڏيهي وزير به فون ڪري پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو۔
ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجہ اسحاق ڊار جلد چين جو دورو ڪندو، جتي هو پاڪ-چين پرڏيهي وزير جي اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ۾ شرڪت ڪندو۔
افغانستان بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته سرحد بند ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني سفارتخانو ڪابل ۾ موجود پاڪستاني شهرين سان رابطي ۾ آهي۔ هن ٻڌايو ته 1100 کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين سفارتخاني سان رابطو ڪيو آهي ۽ طالبان اختيارين سان به ڳالهه ٻولهه جاري آهي۔

