اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي صارفين کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ نئون منصوبو تيار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ ڪيپٽو پاور ليـوي مان حاصل ٿيندڙ رقم استعمال ڪئي ويندي۔ آءِ ايم ايف جي شرط مطابق لاڳو ڪيل ليـوي مان حاصل ٿيندڙ آمدني هر ٻن مهينن جي وقفن سان بجلي جي بلن ۾ ايڊجسٽ ڪئي ويندي، جنهن سان صارفين کي مرحليوار رليف ملندو۔
پلان جي تفصيلن موجب ڪيپٽو پاور پلانٽس تي پهرين مرحلي ۾ پنج سيڪڙو ليـوي لاڳو ڪئي وئي آهي، ٻئي مرحلي ۾ شرح ڏهه سيڪڙو تائين وڌائي ويندي، فيبروري 2026 ۾ ليـوي پندرهن سيڪڙو ۽ آگسٽ 2026 ۾ ويهه سيڪڙو تائين پهچائي ويندي۔ حاصل ٿيندڙ رقم پاور سيڪٽر جي سڀني ڪيٽيگريز جي صارفين جي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ استعمال ڪئي ويندي۔
وفاقي ڪابينا اڳ ئي منظوري ڏئي چڪي آهي ته ليـوي مان حاصل ٿيندڙ فائدو سڌو سنئون صارفين تائين منتقل ڪيو وڃي۔ ذريعن موجب ليـوي جي ادائيگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاور پلانٽس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مستقل ڊي فالٽ جي صورت ۾ گيس جي فراهمي بند ڪئي ويندي۔ هر ڪيپٽو پاور پلانٽ گيس يا ايل اين جي استعمال تي وفاقي حڪومت کي ليـوي ادا ڪرڻ جو پابند هوندو۔
حڪومت کي اميد آهي ته جيئن جيئن ليـوي جي شرح وڌندي، ساڳئي تناسب سان بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ رليف ڏيڻ ممڪن ٿيندو، جنهن سان پاور سيڪٽر ۾ بهتري ۽ صارفين لاءِ سهولت پيدا ٿيندي۔

