ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو انتهائي اهم شهر آهي ۽ ان کي دهشتگردي جا خطرا موجود آهن. رئيس گوٺ ۾ دهشتگرد نيٽورڪ خلاف ڪارروائي دوران سيڪيورٽي ادارن ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.
هن ٻڌايو ته هڪ دهشتگرد جي گرفتاري کانپوءِ سندس نشاندهي تي ٻيا ٻه ساٿي به گرفتار ڪيا ويا. جيتوڻيڪ پورو نيٽورڪ اڃا قانون جي گرفت ۾ نه آيو آهي، پر انٽيليجنس ايجنسين، سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ جي مستعدي سان اميد آهي ته جلد سڀ دهشتگرد گرفتار ٿيندا.
هن چيو ته ايئرپورٽ تي چائنيز شهري تي حملي کانپوءِ سڀ ادارا هاءِ الرٽ آهن ۽ بلوچستان ۾ به گڏيل آپريشنز جاري آهن. لنجار جو چوڻ هو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جو مرڪز ۽ بندرگاهه آهي، جنهن جو تحفظ پهرين ترجيح آهي.
گرفتار دهشتگردن جا هدف سولين هئا، پر وڌيڪ جاچ کانپوءِ واضح ٿيندو ته ڪهڙا علائقا نشانو بڻجڻا هئا. هن چيو ته بروقت گرفتاري سان ڪراچي وڏي تباهي کان بچي ويو.
سنڌ جي گهرو وزير ادارن جي جدوجهد ۽ فرض شناسي کي ساراهيندي چيو ته اهي شهر ۽ عوام جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

