ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ــ وينزويلا ۾ آمريڪي فوجي آپريشن دوران وڏي پيماني تي جاني نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فوجي مارجي ويا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال سليا فلورس جي گرفتاري واري ڪارروائي ۾ گهڻي کان گهڻا ڪيوبي فوجي مارجي ويا.
عالمي خبر ايجنسي موجب ڪيوبي اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته وينزويلا جي صدارتي محل ۾ آمريڪي حملي دوران 32 ڪيوبي فوجي مارجي ويا. ڪيوبي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي ته اهي فوجي مادورو جي حفاظت لاءِ وينزويلا حڪومت جي درخواست تي موڪليا ويا هئا ۽ حملي جي وقت صدارتي محل جي احاطي ۾ موجود هئا. پرڏيهي وزارت هن ڪارروائي کي عالمي قانون ۽ انساني حقن جي خلاف قرار ڏيندي ان کي بلاجواز ۽ افسوسناڪ قرار ڏنو.
وينزويلا حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته 3 جنوري جي آمريڪي حملي ۾ سندن گهٽ ۾ گهٽ 23 فوجي اهلڪار به مارجي ويا. اهڙيءَ طرح مجموعي طور تي آمريڪي آپريشن ۾ 55 فوجي مارجي ويا، جڏهن ته صرف هڪ يا ٻه آمريڪي اهلڪار معمولي زخمي ٿيا.
صدر ٽرمپ اعتراف ڪيو ته ڪارروائي ۾ ڪيترائي ڪيوبي مارجي ويا، پر هن ان کي “شاندار فوجي آپريشن” قرار ڏنو. سندس بيان ۾ اهو به چيو ويو ته اهي ڪيوبي شهري نه پر مادورو جي سڪيورٽي تي مامور محافظ ٿي سگهن ٿا، جيڪي صدارتي محل جي احاطي ۾ موجود هئا.

