بنون(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز 13 ۽ 14 جنوري تي خيبر پختونخوا جي ضلعن بنون ۽ ڪرَم ۾ ٻن انٽيليجنس بنياد تي آپريشنز دوران ڀارتي پراڪسي فتنہ الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو۔
آءِ ايس پي آر موجب خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ضلع بنون ۾ آپريشن ڪيو ويو، جتي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 8 دهشتگرد مارجي ويا۔ هڪ ٻيو آپريشن ضلع ڪرَم ۾ ڪيو ويو، جتي 5 دهشتگرد مؤثر ڪارروائي ۾ مارجي ويا۔
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته علائقي ۾ ڀارتي سرپرستي يافته خوارج جي ممڪن موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشنز جاري آهن۔
قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي کان منظور ٿيل وژن “عزمِ استحڪام” جي تحت پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا غير ملڪي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکندا۔ ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان پاڙ پٽڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز هر قيمت تي ڪارروايون جاري رکندي.

