ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازه ۾ ڇنڇر ڏينهن لڳل باهه سبب ساهه گھٽجڻ ۽ سڙي فوت ٿيلن جو انگ 30 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 80 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن. پوليس سرجن ڪراچي ڊاڪٽر سمعيه سيد موجب اڄ ملبي مان وڌيڪ عزوا مليا آهن، جن جي جانچ جو عمل جاري آهي ۽ فوتين ۾ اضافي جو خدشو آهي.
ڊاڪٽر سمعيه سيد جا موجب مجموعي طور 28 لاش اسپتال ۾ پهچايا ويا، جن مان ابتدائي طور 6 لاش مڪمل ۽ سڃاڻپ جوڳيون هيون. هڪ لاش تنوير نالي شخص جي سڃاڻپ سندس قومي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ٿي، جڏهن ته باقي لاشن جا ڊي اين اي سيمپلز سنڌ فرانزڪ ڊي اين اي ليب ڏانهن موڪليا ويا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل رات وڌيڪ 3 لاشون سڃاڻپ ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيون ويون، ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ 3 کان 4 رپورٽن اچڻ جي اميد آهي. باهه جي شدت سبب ڊي اين اي سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن ڪري سڃاڻپ جو عمل ڏکيو ٿي ويو آهي.
پوليس سرجن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ فرانزڪ ڊي اين اي ليب 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهي آهي، ڪيترائي لاش مڪمل نه پر ٽڪرن جي صورت ۾ مليا آهن، ۽ اهڙن فريگمنٽري باقيات مان ڊي اين اي حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي ٿو. مجموعي طور 51 وارثن جا سيمپلز ورتا ويا آهن، جن کي والدين ۽ ٻارن کان ترجيحي بنيادن تي ورتو ويو، ۽ جيڪڏهن والدين يا ٻار موجود نه هجن ته ڀائرن ۽ ڀينرن کان ڊي اين اي ورتو وڃي ٿو.
ايڌي موجب گل پلازه مان وڌيڪ ٻن لاشن جا عضوا سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ريسڪيو 1122 جي ترجمان ٻڌايو ته ملبي مان هڪ وڌيڪ لاش مليو، جنهن بعد فوت ٿيلن جو انگ 29 تائين پهچي ويو، جڏهن ته سرچ آپريشن دوران ڪجهه انساني باقيات به هٿ آيون، جيڪي اسپتال منتقل ڪيون ويون.
مسنگ پرسنز ڊيسڪ تي وڌيڪ هڪ گم شهري جي گهر ڀاتين رابطو ڪيو آهي. 65 ورهين جي جهانگير شاهه جي گهر ڀاتين داخلا ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد گم ماڻهن جو انگ 86 ٿي ويو آهي.
گذريل ڏينهن 21 سڃاڻپ نه ٿيندڙ لاشن مان 3 جي سڃاڻپ ٿي هئي، جن ۾ 15 ورهين جي نينگري مريم، 33 ورهين جو شهروز ۽ 26 ورهين جو رضوان شامل هئا. ريسڪيو عملدارن موجب سي پي ايل سي ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪئي، جنهن بعد وارثن سردخاني مان لاش وصول ڪيا. ان کان اڳ ڏينهن ۾ 7 لاشن جي سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هو، جنهن بعد سردخاني ۾ 21 سڃاڻپ نه ٿيندڙ لاش موجود هئا، جن مان وڌيڪ 3 جي سڃاڻپ ٿي وئي.
واضح رهي ته ريسڪيو اهلڪار 40 ڪلاڪن بعد گل پلازه جي عمارت ۾ داخل ٿي گم ماڻهن جي ڳولا شروع ڪئي، پر آپريشن دوران عمارت جي مختلف حصن مان ٻيهر باهه ڀڙڪڻ لڳي، جنهن ڪري ريسڪيو جو ڪم متاثر ٿيو.

