پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جو آءِ سي سي طرفان بنگلاديش کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ مان ٻاهر ڪرڻ بابت ردعمل سامهون آيو آهي۔
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين پي سي بي چيو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ جو وڏو اسٽيڪ هولڊر آهي، ان سان زيادتي ڪئي وئي آهي۔
محسن نقوي چيو ته آءِ سي سي جي اجلاس ۾ به اهو موقف رکيو هو ته دهرا معيار نه هجڻ گهرجن۔ هن وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي جي باضابطه فيصلي جو انتظار آهي، اسان وٽ ڪيترائي منصوبا موجود آهن۔
چيئرمين پي سي بي جو چوڻ هو ته ورلڊڪپ بابت حڪومت پاڪستان جيڪو به فيصلو ڪندي، اسان ان کي تسليم ڪنداسين۔
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته اسان آءِ سي سي کان وڌيڪ حڪومت پاڪستان جي فيصلي جا پابند آهيون، ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وطن واپسي کان پوءِ ئي ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو۔

