اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشه خانه ٽو ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان جي سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ واري درخواست تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس باني پي ٽي آءِ جي سزا معطلي ۽ ضمانت واري درخواست تي اعتراض لڳايو آهي.
اعتراض اهو آهي ته درخواست گذار توشه خانه ٽو ڪيس جي مرڪزي اپيل تي بروقت رجسٽرار آفيس جا اعتراض دور نه ڪيا. اپيل تي اعتراضات ست ڏينهن اندر ختم ڪرڻا هئا، پر مقرر وقت گذري ويو.
رجسٽرار آفيس جو موقف آهي ته جڏهن اپيل تي اعتراض موجود آهي ته سزا معطلي جي درخواست ڪيئن لڳائي سگهجي ٿي.

