اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ باني پي ٽي آءِ عمران خان جي اکين جي معائني بابت معاملي تي 12 فيبروري جو 7 صفحن تي ٻڌل تحريري حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ موجب، فرينڊ آف دي ڪورٽ ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ جون رپورٽون جمع ٿيڻ کان پوءِ 23 ۽ 24 آگسٽ 2023 جا حڪم مڪمل طور تي لاڳو ٿي چڪا آهن، تنهنڪري عمران خان جي رهائشي حالتن بابت معاملو هاڻي غير مؤثر ٿي ويو آهي.
عدالت موجوده توشه خانه ڪيس سان لاڳاپيل درخواستن کي اڻڄاتل مدت تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته اهي درخواستون هاءِ ڪورٽ ۾ مرڪزي اپيل جي فيصلي کان پوءِ ٻيهر ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪيون وينديون.
سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي دوران واضح ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ درخواستگذار کي حق آهي ته هو اعتراض اُتي کڻي وڃي. عدالت موجب، رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان پنهنجي رهائشي حالتن بابت اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪا اضافي سهولت جي ضرورت نه ٻڌائي آهي.
اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت کي يقين ڏياريو ته عمران خان جي ٻارن قاسم ۽ سليمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪرايو ويندو.
سپريم ڪورٽ چيو ته 24 آگسٽ 2023 جي حڪم ۾ ظاهر خدشن جو ازالو ٿي چڪو آهي ۽ موجوده درخواستون ميرٽس جي بنياد تي غير مؤثر ٿي ويون آهن. عدالت هدايت ڪئي ته جيڪڏهن عمران خان کي مستقبل ۾ ڪا شڪايت هجي ته هو لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري.

