ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ سون جي ذخيرا جي مجموعي ماليت وڌي 10.374 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
انگن اکرن مطابق پاڪستان وٽ هن وقت 64.76 ٽن سون موجود آهي، جيڪو وزن جي لحاظ سان لڳ ڀڳ 20 لک 82 هزار اونس ۽ 55 لک 52 هزار تولن جي برابر آهي.
رپورٽ موجب صرف جنوري 2026 دوران سون جي ذخيرا جي ماليت ۾ 1.279 ارب ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته جاري مالي سال جي پهرين ست مهينن ۾ مجموعي طور تي 3.5 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.
ياد رهي ته جون 2025 ۾ ملڪ جي سون جي ذخيرا جي ماليت 6.84 ارب ڊالر هئي، جنهن کان پوءِ عالمي منڊي ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ سبب نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي.

