اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ ھڪ مھيني جي ڇوٽ ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو، انھيءَ حوالي سان وزيراعظم شھباز شريف بجلي بلن ۾ ريليف ڏيڻ لاءِ ناڻي واري وزارت کي عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) سان رابطي جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.
ذريعن موجب وزيراعظم محمد شھباز شريف چيو آھي تھ ناڻي واري وزارت آئي ايم ايف سان گڏ ھر ممڪن رليف تي ڳالھائي، شھر ھجي يا ٻھراڙي ريليف سڄي پاڪستان جي ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڏنو ويندو.
ھوڏانھن حڪومت شھري فلڊنگ تي ڪنٽرول لاءِ نئون لائحھ عمل ۽ پاليسي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آھي، سڄي ملڪ ۾ تباھي واري ٻوڏ جي صورتحال تي موسميات کاتو متحرڪ ٿي ويو آھي. موسميات کاتي جي اختيارين موجب وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي اربن فلڊنگ ۽ جھنگ جي وڏي تعداد ۾ ڪٽائي تي فوري قدم جو ٽاسڪ ڏنو آھي،
وزيراعظم صوبن کي ڪلائمينٽ ريزيلينس ايڪشن پلان جو ھدف تيار ڪرڻ جي ھدايت بھ ڪئي آھي، ايڪشن پلان تي صوبن سان گڏ اربن فلڊنگ کي روڪڻ لاءِ شھري علائقن ۾ ڊرينيج سسٽم بھتر بڻائڻ تي فوڪس ڪيو ويندو، موسمياتي تبديلي جھنگ جي ڪٽائي تي ڪنٽرول ڪرڻ واري پاليسي تي صوبن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي، پاليسيني ذريعي ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي خطرن کي گھٽائڻ جي حڪمت عملي نبائي ويندي.دي.

