دوحا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قطر جي گادي واري شهر دوحا پھچي ويو آھي.
قطر جي ثقافت واري وزير شيخ عبدالرحمان بن حمد بن جاسم بن حمد الثاني وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو دوحا ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگامي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دوحا پهتو آهي، جيڪو دوحا تي اسرائيلي هوائي حملي ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار سيد طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ ايندڙ اعليٰ سطحي وفد جو حصو آهن.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ قطر ۽ ٻين علائقائي رياستن خلاف اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو.
قطر ۽ علائقائي اتحاد سان يڪجهتي جي اظهار ۾، وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 سيپٽمبر تي دوحا جو دورو ڪيو ۽ قطري قيادت سان ملاقات ڪري قطر جي سلامتي ۽ خودمختياري ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو.
اڄ دوحا ۾ ٿيندڙ هنگامي اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ۽ ٻين مسلم ملڪن جي سربراهن جي شرڪت مسلم امت اندر مضبوط اتحاد ۽ علائقائي امن قائم ڪرڻ جي غير متزلزل عزم جو مظهر آهي.

