سنڌ موٽروھيڪل رولز جو باضابطھ نوٽيفڪيشن جاري، شرجيل ميمڻ عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

Homeاهم خبرسنڌ موٽروھيڪل رولز...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ٽريفڪ قانونن ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ موٽر وھيڪل رولز 1969 ۾ اھم ترميموم ڪري ورتيون آھن ۽ ان سلسلي ۾ ھڪ باضابطا نوٽيفڪيشن بھ جاري ڪيو ويو آھي. نئين ترميم  تحت وڏين ڪمرشل گاڏين جي مالڪن کي نين شرطن تي عمل ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آھي. ترميمن ۾ فٽنيس سرٽيفڪيٽ، گاڏين جي مقرر عمر جي حد ۽ جديد حفاظتي نظام جو لازمي نفاذ شامل آھن.

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ نين ترميمن جي حوالي سان جاري ھڪ بيان ۾ چيو آھي تھ ھاڻي سموريون وڏيون ڪمرشل گاڏيون ٽرانسپورٽ کاتي جي قائم ڪيل فٽنيس سينٽرز کان فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪنديون. ڀڃڪڙي جي صورت ۾ گاڏي جي مالڪن تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيو وييندا، ڏنڊ جي سموري رقم آن لائن سنڌ سرڪار جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندي.

ھن چيو تھ نئين ترميم ۾ گاڏين جي عمر جي حد بھ مقرر ڪئي وئي آھي، بين الصوبائي روٽس تي 20 سالن کان وڌيڪ عمر وارين گاڏين کي پرمٽ نھ ڏني ويندي، انٽر سٽي روٽس تي 25 ورھين کان وڌيڪ ھليل گاڏيون ھلائڻ جي اجازت نھ ھوندي، شھر اندر ھلندڙ گاڏين جي لاءِ عمر جي حد 35 سال مقرر ڪئي وئي آھي.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ قانون ھڪ سال اندر لاڳو ٿيندو، اُن دوران سمورين گاڏين جي لاءِ روڊ وردي ٽيسٽ لازمي ھوندو، ڀڃڪڙي تي پھرين مرحلي ۾ بھ معمولي ڏنڊ، ٻئي ڀيري 2 لک رُپيا ۽ ٽئين ڀيري 3 لک رُپين تائين ڏنڊ مڙھيون ويندو.

ھن چيو تھ حڪومت اھو بھ لازمي قرار ڏنو آھي تھ ھاڻي ڪنھن بھ وڏي يا ھلڪي ڪمرشل گاڏي کي بنا ٽريڪنگ ۽ حفاظتي نظام جي ھلڻ جي اجازت نھ ھوندي، ھر گاڏي ۾ جي پي ايس ٽريڪنگ ڊوائس، اڳئين ۽ پوئين پاسي ھاءِ ڊيفينيشن ڪيمرا، ڊرائيور مانيٽرنگ ڪيمرا ۽ 380 ڊگري ڪيمرا سسٽم لڳائڻو پوندو.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب، انٽر رن پروٽيڪشن گارڊز بھ لازمي لڳايا ويندا تھ جيئن حادثن دوران ننڍيون گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون گاڏي ھيٺيان اچڻ کان محفوظ رھي سگھن، ھي سمورا پرزا مڪمل طور تي فعال حالت ۾ ھجڻ ضروري آھن ۽ اُنھن جي تصديق کانسواءِ گاڏي رجسٽر نھ ٿيندي، نھ فٽس سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندو ۽ نھ ئي پرميٽ يا گاڏي جي مالڪي جي منتقلي ٿي سگھندي.

ھن چيو تھ جيڪڏھن ڪنھن گاڏي ۾ ھي نظام نھ ھونديو يا ڄاڻي ٻجھي خراب ڪيو ويو تھ ڳرو ڏنڊ مڙھيو ويندو، گاڏي کي عارضي طور تي بند ڪيو ويندو  ۽ 14 ڏينھن اندر اصلاح نھ ٿيڻ تي رجسٽرشن مسقتل طور تي رد ڪئي ويندي.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ترميمون عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ، حادثن ۾ گھٽتائي ۽ جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ٽريفڪ جي نظام کي وڌيڪ بڻائڻ لاءِ ڪيون ويون آھن، ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ٽريفڪ حادثن جو ھڪ وڏو ڪارڻ پراڻيون ۽ ناقص حالت ۾ ھلندڙ پراڻيون گاڏيون آھن. نئين ترميمن کانپوءِ ڪنھن بھ وڏي گاڏي کي بنا فٽنس سرٽيفڪيٽ ۽ حفاظتي اوزارن جي روڊن تي اچڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي.

ھن چيو تھ جديد ٽريڪنگ ۽ ڪيمرا سسٽمز لڳائڻ سان نھ رڳو ٽريفڪ قانونن تي عمل سڻائو ٿيندو حادثن جا سبب ڄاڻڻ ۽ شفاف جاچ ۾ بھ مدد ملندي.

سندس چوڻ ھو تھ سنڌ سرڪار عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ ھي سخت فيصلا ڪيا آھن ۽ ڪنھن دٻاءُ کانسواءِ اُن تي عمل ڪيو ويندو، ٽريفڪ پوليس، ايڪسائز پوليس ۽  ٽرانسپورٽ اختيارين کي واضح ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن تھ قانون لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنھن ۾ بھ قسم جي رعايت نھ ڏني وڃي.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جديد نظام لاڳو ٿيڻ سان نھ رڳو شھرين کي رليف ملندو پر ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي بھ جديد نظام تي آڻڻ ۾ مدد ملندي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سٺي جمهوريت ميڊيا جي آزادي...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سنڌ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته دنيا ڀر ۾ پرنٽ ميڊيا سخت چيلينجن کي...

اسان جو ڪم پاڻ ڳالهائي...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم جي تنقيدن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾...

پيپلز پارٽي ٻوڏ متاثرن جي...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلاول به وزيراعظم کي بي آءِ...

حڪومت ٻوڏ ۽ هنگامي حالتن...

متاثرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي کاڌي، علاج ۽ جانورن جي سنڀال لاءِ...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});