ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سنڌ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته دنيا ڀر ۾ پرنٽ ميڊيا سخت چيلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته خبرن جو ذريعو تيزيءَ سان اخبارن کان موبائل فون ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي.
تفصيل موجب شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي 24 ڪلاڪ خبرون گردش ڪن ٿيون، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا به اخبارن لاءِ سخت مقابلو پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته باوجود ان جي، حڪومت چاهي ٿي ته اخبارن جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، ڇو ته سوشل ميڊيا تي گهڻيون خبرون غلط هونديون آهن ۽ ٽي وي چينلن تي به بريڪنگ جي ڊوڙ لڳل هوندي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ميڊيا جي ترقي ۽ آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، ڇو ته سٺي جمهوريت ميڊيا جي آزادي سان ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پي پي پي پاڻ به ڪيترن دورن ۾ بدترين ميڊيا ٽرائل مان گذري آهي، پر ڪڏهن به بدلي جي سياست نه ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه دورن ۾ مختلف اينڪرز کي آف ايئر به ڪرايو ويندو رهيو، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ ملڪ خلاف غلط بيانيه هلايو ۽ جنرل باجوه کي تاحيات توسيع ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪائي وئي، جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس بلڪل درست هئي. ٻاهر ويٺل ماڻهو سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪن ٿا ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام سازش ۾ مصروف آهن، جيڪا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.

