ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم جي تنقيدن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بلدياتي ادارن کي سڀ کان وڌيڪ بااختيار پيپلز پارٽي بڻايو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي سياسي روين سبب ڪراچي جهڙي مختلف ثقافت واري شهر جي ترقي کي نقصان پهتو آهي۔
شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي جي بيان تي چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وڌيڪ گوڙ ڪري ٿي ته اسان لاهور جو مقامي حڪومتن جو نظام ڪراچي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهيون۔ هن چيو ته پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ئي نه ٿيون، جڏهن ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ اسان جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، جتي اربين رپيا شهري انفراسٽرڪچر ۽ بنيادي سهولتن تي لڳايا پيا وڃن۔
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ شهري سهولتن ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي، ۽ رڪاوٽ وجهڻ جون ڪوششون ناڪام رهنديون۔ هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم تعليم، صحت، پاڻي ۽ نيڪال جي نظام تي ڌيان ڏئي ها ته اڄ انهن کي تنقيد جو موقعو نه ملي ها۔
سندس چوڻ هو ته ”اسان جو ڪم پاڻ ڳالهائي ٿو“، ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم انهن ۾ رڪاوٽ وجهڻ لاءِ سرگرم آهي۔ هن مثال ڏيندي چيو ته اي وي بس سروس، پيپلز بس سروس، پنڪ بس سروس، شاهراهه ڀٽو، تاج حيدر پل، پنڪ اسڪوٽيز ۽ بي آر ٽيز جهڙا منصوبا ايم ڪيو ايم به شروع ڪري سگهي ها، پر انهن جي نيت ئي نه هئي۔

