اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هڪ لک سٺ هزار پوائنٽس جي تاريخي سطح پار ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان، ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي اڻٿڪ محنت سان، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هر روز بلندين جي هڪ نئين تاريخ رقم ٿي رهي آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هڪ لک سٺ هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪرڻ ڪاروباري برادري جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو مظهر آهي.
شهباز شريف چيو ته ملڪ معاشي استحڪام کان پوءِ معاشي ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي، انشاءَ الله هاڻي معاشي ترقي جو سفر تيزي سان جاري رهندو.

