نوشھروفيروز (رپورٽ مقصود علي مشوري) ڊپٽي جنرل آف پوليس شهيد بينظيرآباد رينج فيصل بشير ميمن جي صدارت ھيٺ ضلع نوشهروفيروز جي پوليس آفيسرن جو هڪ اهم اجلاس اڄ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ قتل جي ڪيسن جي پيش رفت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ان موقعي تي ڊي آءِ جي پوليس فيصل بشير ميمن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته زير التواءَ ڪيسن جي فوري ۽ غير جانبدارانه جاچ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته قتل جي ڪيسن ۾ جديد سائنسي بنيادن ۽ فارنزڪ شاهدي کي استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ڪيس وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن۔
هن پوليس آفيسرن کي اھا پڻ ھدايت ڪئي ته ھو متاثر خاندانن سان ويجهي رابطي ۾ رھن ۽ کين انصاف جي فراهمي بابت اعتماد ۾ ورتو وڃي۔ عدالتن ۾ پيش ڪيل چالان مڪمل ۽ پختا ثبوتن سان تيار ڪيا وڃن ته جيئن ڏوهاري سزا کان نه بچي سگهن۔
ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمن وڌيڪ چيو ته غفلت يا دير ڪندڙ تفتیشي آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي۔ هن چيو ته عوام کي فوري انصاف ڏيڻ پوليس جي پهرين ترجيح آهي، تنهن ڪري سمورا آفيسر پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري سان ادا ڪن۔
ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمن عوامي اعتماد وڌائڻ لاءِ ڪميونٽي پوليسنگ جي فروغ ۽ شهرين سان ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ جي به هدايت ڪئي۔ هن وڌيڪ چيو ته رينج ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ واضح ڪيو ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي اجلاس ۾ ڪيسن جي پيش رفت بابت انفرادي رپورٽون پڻ پيش ڪيون ويون ۽ ايندڙ حڪمت عملي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا۔

