نوشهروفيروز (مقصود علي مشوري) ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز جي ننڍن ملازمن پاران پينشن، رھيل ڊفرنس ۽ سرڪاري الائونس جي عدم ادائيگي خلاف احتجاجي تحريڪ ڏهين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي. ملازمن جو چوڻ آهي ته چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ ۽ سي ايم او جي نااهلي سبب سندن حق تلفي ٿي رهي آهي.
ان موقعي تي سماجي تنظيم “هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان” سنڌ جي نائب صدر مولابخش مشوري احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ملازمن جا مسئلا ٻڌا. هن ملازمن کي خاطري ڪرائي ته، “جيستائين انصاف نه ملي، تنظيم اوهان سان گڏ جدوجهد ڪندي رهندي.”
احتجاج ڪندڙ ملازمن – ڪشن راجا، امتياز ميمڻ، مولابخش شيخ ۽ ٻين – ميونسپل آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، جتي هنن نعريبازي ڪندي چيو ته، “اسان جي پگهارن مان غير قانوني ڪٽوتي، پينشن جي ادائيگي ۾ دير ۽ سرڪاري الائونس نه ملڻ سبب اسان احتجاج تي مجبور آهيون.”
ملازم اڳواڻ ڪشن راجا چيو ته، “هڪ طرف ویزا سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي، ٻي طرف اسان جي پگهارن مان ڪٽوتي جاري آهي، جيڪا فوري طور ختم ڪئي وڃي. چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.”
ملازمن جو مطالبو آهي ته سندن پگهارن مان ڪٽوتي بند ڪئي وڃي، پينشن ۽ الائونس جي ادائيگي ڪئي وڃي، ۽ سندن معاشي حقن سان انصاف ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاجي مظاهرا جاري رهندا.

