مان ۽ فِيلڊ مارشل هر معاملي تي هڪ ٻئي سان مشورو ڪندا آهيون: وزيراعظم

HomeFeatured Newsمان ۽ فِيلڊ...

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين قوتون پاڪستان کي ترقي ڪندي نٿيون ڏسڻ چاهين، دهشتگردي جو چئلينج ٻيهر اُڀري رهيو آهي، جنهن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت پرڏيھي پاليسي سميت سڀني اهم معاملن تي هڪ صفحي تي آهي. مان ۽ فِيلڊ مارشل هر قومي مسئلي تي مشاورت ڪندا آهيون. اقتصادي صورتحال بابت به گڏيل صلاح مشورا ٿين ٿا. دعا آهي ته هيءَ هم آهنگي جاري رهي ته جيئن ماضي جي نقصانن جو ازالو ٿي سگهي.

هن ٻڌايو ته پاڪستاني فوج ڀارت کي جيڪو سبق سيکاريو، اهو هميشه ياد رکيو ويندو. اسان جي بهادر فوج ڀارت خلاف جنگ کٽي. فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ معرڪي حق ۾ پاڪستان تاريخي فتح حاصل ڪئي. جنگ دوران سڄي قوم پنهنجي مسلح فوج جي پويان بيٺل هئي.

وزيراعظم صحافين کي اهو به ٻڌايو ته نيويارڪ ۽ واشنگٽن جا دورا تمام ڪامياب ۽ فائديمند رهيا. گڏيل قومن جي عمارت ۾ غزه جي صورتحال تي اجلاس خوش آئند اڳڀرائي آهي. قطر، متحده عرب امارات، سعودي عرب، اردن ۽ مصر به ان اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

هن چيو ته صدر ٽرمپ غزه تي اجلاس جي صدارت ڪئي، جتي پاڪستان کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي. غزه بابت اجلاس ۾ حوصلا افزا ڳالهه ٻولهه ٿي. پڪ آهي ته غزه بابت اجلاس جو مثبت نتيجو جلد سامهون ايندو.

وزيراعظم ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان تمام خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر ٽرمپ ۽ سندس ٽيم پاڪستان-ڀارت جنگ بندي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

وزيراعظم چيو ته دفاعي معاهدو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پراڻي خواهش هئي. حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن کان اعتماد جو رشتو قائم آهي. هي دفاعي معاهدو ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي مضبوط معيشت لاءِ ڪوششون جاري آهن. هزار زرعي گريجوئيٽس کي چين ۾ تربيت لاءِ موڪليو ويو آهي. قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ اسان جو عزم آهي. صدر ٽرمپ يقين ڏياريو ته هو پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ ڀرپور تعاون ڪندا.

هن چيو ته غزه ۾ 2023 کان جاري ظلم جو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. غزه ۾ مسلمانن خلاف بربريت جي مثال تاريخ ۾ نه ملي ٿي. غزه ۾ فوري جنگ بندي ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي ۾ غزه جي صورتحال تي زور ڀري آواز اٿاريو ويو. گڏيل قومن ۾ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.

هن اهو به چيو ته مسئلو ڪشمير بابت جنرل اسيمبلي جي فورم تي زور ڀري آواز اٿاريو ويو. پاڻي بابت به ڳالهه ڪئي وئي. سعودي عرب جي دوري دوران پاڪستان کي تمام گهڻي عزت ڏني وئي. سعودي قيادت شاندار استقبال ڪيو، جيڪو 24 ڪروڙ پاڪستانين لاءِ فخر جو باعث آهي.

وزيراعظم ٻڌايو ته دهشتگردي جو چئلينج ٻيهر اُڀري رهيو آهي. پاڪستاني فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سرگرم آهن. ٻاهرين قوتون پاڪستان کي ترقي ڪندي نٿيون ڏسڻ چاهين. اسان دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪنداسين. پاڪستاني فوج جا جوان ۽ آفيسر ڏينهن رات قربانيون ڏئي رهيا آهن. دهشتگردي جو خاتمو ڪري دم وٺنداسين.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان-ڀارت جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو ويو. پاڪستاني قوم امن جي ڪوششن تي صدر ٽرمپ جو نالو نوبل انعام لاءِ تجويز ڪيو. شبانه روز محنت جي نتيجي ۾ پاڪستان اوج ثريا جي منزل حاصل ڪندو.

ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ به موجود هئا.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده...

دهشتگردي کي پاڪستان جي سرحدن...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، پر انهن...

هر شهري کي مذهب جي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شهري کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ...

وزيراعظم پاران انڊر 19 ڪرڪيٽ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان انڊر 19 ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ جي فاتح ٽيم ملاقات ڪئي، جنهن...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});