واشنگٽن — آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حماس کي آچر شام 6 وڳي تائين امن معاهدي تي راضي ٿيڻ جي ڊيڊ لائن ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته حماس جا سڀ جنگجو ماريا ويندا.
ٽرمپ چيو ته حماس ڪيترن ئي سالن کان وچ اوڀر ۾ پرتشدد خطرو رهيو آهي، ۽ 7 آڪٽوبر 2023 تي ڪيترن ئي اسرائيلي شهرين کي قتل ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته 25 هزار حماس جنگجو ماريا ويا آهن، ۽ وڌيڪ فوجون سندس اجازت جي منتظر آهن.
ٽرمپ چيو ته بيگناهه فلسطيني غزه جي محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿين، ٻي صورت ۾ حماس کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

