غزه(ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس طرفان وڌيڪ 4 يرغمالين جا لاش ريڊ ڪراس جي نگراني هيٺ رات دير سان اسرائيلي اختيارين حوالي ڪيا ويا. عرب ميڊيا رپورٽن موجب، هي تبادلو غزه امن معاهدي جي تحت جاري قيدين ۽ لاشن جي واٽاس جي عمل جو هڪ ٻيو اهم مرحلو هو، جيڪو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو.
ان کان اڳ به حماس معاهدي جي تحت 4 يرغمالين جون لاشون ۽ 20 قيدي اسرائيلي اختيارين حوالي ڪيا هئا. معاهدي جو مقصد انساني بنيادن تي قيدين جي آزادي ۽ انساني جاني نقصان ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي.
ان سلسلي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه امن معاهدي جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪندي تصديق ڪئي ته حماس جي قيد مان سڀ 20 يارغمالي بخيريت واپس پهچي چڪا آهن، پر هن واضح ڪيو ته هي عمل اڃا مڪمل ناهي ۽ وڌيڪ قدم باقي آهن.
ٻئي طرف، غزه ۾ اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي مان فلسطيني شهيدن جون لاشون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 44 شهيدن جون لاشون ملبي مان ڪڍيون ويون آهن، جڏهن ته علائقي ۾ انساني بحران وڌي رهيو آهي.

