ڀارت ٻيهر اڳڀرائي ڪئي ته پاڪستان جو جواب تيز، فيصلائتو ۽ تباهي واري هوندو: پاڪ فوج

HomeFeatured Newsڀارت ٻيهر اڳڀرائي...

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي چڙ ڏياريندڙ بيانن تي سخت ردعمل ڏيندي انهن کي غير ذميوار قرار ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر موجب اهڙن بيانن سان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي سخت خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. پاڪستان واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت طرفان ٻيهر ڪا اڳڀرائي ڪئي وئي ته ان جو جواب اڳ کان وڌيڪ تيز، فيصلائتو ۽ تباهي وارو هوندو.

ڌ آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڀارتي اختيارين جا بيان گمراه ڪندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪا جارحيت لاءِ هٿ ٺوڪيو جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پاڪستان خبردار ڪيو آهي ته اهڙن بيانن سان خطي ۾ امن جي صورتحال انتهائي خراب ٿي سگهي ٿي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت گذريل سالن کان پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪري خطي ۾ دهشتگردي ۽ تشدد کي هوا ڏيندو رهيو آهي ۽ هاڻ دنيا ڀارت کي سرحد پار دهشتگردي جو اصل چهرو ۽ خطي جي بيچيني جو مرڪز تسليم ڪري چڪي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، هن سال ڀارتي جارحيت ٻن ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن کي وڏي جنگ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو هو. ڀارت کي پنهنجي تباه ٿيل جهازن ۽ پاڪستان جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ هٿيارن کي نه وسارڻ گهرجي. ڀارت اجتماعي ڀُل جو شڪار ٿي ٻيهر ٽڪراءُ طرف وڌي رهيو آهي، جيڪو خطي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

پڌرائي ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڀارت طرفان نئون تڪرار شروع ڪيو ويو ته پاڪستان بنا ڪنهن هٻڪ جي مڪمل طاقت سان جواب ڏيندو. جيڪي نئين “نارمل” جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، انهن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته پاڪستان ان جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري رکي ٿو.

پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت ۽ عزم رکن ٿا. ڀارت جي جغرافيائي تحفظ جو وهم هن ڀيري ختم ڪيو ويندو. پاڪستان دشمن جي سرزمين جي پري پري حصن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

آءِ ايس پي آر آخر ۾ چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي مٽائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن نوبت اتي پهتي ته نتيجو ٻنهي طرفن لاءِ هڪجهڙو هوندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

هر قسم جي جارحيت جو...

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري،...

هاڻ نوجوان پاڪ فوج جي...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي...

اسپن بولدڪ ۾ افغان طالبان...

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب بلوچستان جي سرحدي علائقي...

ڀارت سرحد پار دهشتگردي جو...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڀارت جي فوجي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});