دفاعي معاهدي کان پوءِ پاڪ-سعودي لاڳاپا واپار ۽ سيڙپڪاري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آھن: وزيراعظم

Homeاهم خبردفاعي معاهدي کان...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي کان پوءِ هاڻ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا واپار ۽ سيڙپڪاري جي بنياد تي وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا، جڏهن ته سعودي عرب ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي.

وزيراعظم هائوس ۾ سعودي عرب مان آيل اعليٰ سطحي وفد جي اعزاز ۾ ظهراڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندي چيو ته “اسين هتي هڪ خاندان وانگر گڏ ويٺا آهيون، مان گذريل چاليهن سالن کان سياست ۾ آهيان، پهريون دفعو 60 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ سعودي عرب ويو هئس، ڪيترائي دورا ڪيا، پر تازو رياض جو دورو بلڪل منفرد هو.”

شهباز شريف چيو ته سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن هميشه پاڪستان سان بي مثال محبت جو اظهار ڪيو آهي، ۽ هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته سعودي عرب جا لاڳاپا پاڪستان سان غير متزلزل ۽ مستقل عزم تي ٻڌل آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۾ نمايان رهيا آهن.

وزيراعظم وضاحت ڪئي ته پاڪ-سعودي دفاعي معاهدو ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن جي باقاعده شڪل آهي، ۽ مقدس ماڳن جي تحفظ لاءِ هر مسلمان پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مڪي ۽ مديني جا مقدس ماڳ هميشه لاءِ اسان جي حفاظت هيٺ رهندا.

شهباز شريف چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پاڪ-سعودي لاڳاپن کي واپار، سيڙپڪاري، تحقيق ۽ ترقي جي شعبن ۾ عملي تعاون ذريعي نئين سطح تي آندو وڃي. هن زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب کي گڏجي پنهنجا ڪاروباري خواب حقيقت بڻائڻا پوندا.

وزيراعظم ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان جي متحرڪ ۽ وژنري قيادت جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن سعودي معاشري کي نئين رخ ڏنو آهي، ۽ پاڪستان لاءِ سعودي عرب کان سکڻ جو بهترين موقعو موجود آهي.

ٻئي طرف، سعودي وفد جي سربراهه شهزادو منصور بن محمد السعود چيو ته هو پاڪستان-سعودي عرب گڏيل بزنس ڪائونسل جي اجلاس لاءِ آيا آهن. دوري کان اڳ سعودي عرب جي سڀني وزيرن سان ملاقاتون ڪري، پاڪستان ۾ ممڪن اسٽريٽجڪ منصوبن بابت آگاهي ڏني وئي. هن چيو ته سعودي ڪاروباري طبقن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده...

دهشتگردي کي پاڪستان جي سرحدن...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، پر انهن...

هر شهري کي مذهب جي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شهري کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ...

وزيراعظم پاران انڊر 19 ڪرڪيٽ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان انڊر 19 ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ جي فاتح ٽيم ملاقات ڪئي، جنهن...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});