قاهره: غزه ۾ سالن کان جاري خونريزي کانپوءِ آخرڪار جنگ بندي جو معاهدو عملي طور تي لاڳو ٿي ويو آهي. مصري نشرياتي اداري القاهره ٽي وي جي رپورٽ موجب، هي تاريخي اڳڀرائي پاڪستاني وقت مطابق منجهند 2 وڳي ٿي، جڏهن ڌرين وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدو مؤثر بڻجي ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي جي نفاذ کانپوءِ غزه ۾ فائرنگ ۽ فوجي ڪارروائين جو سلسلو بند ٿي ويو آهي. مصر جي پرڏيھي وزارت هن لمحي کي “اهم ۽ نازڪ” قرار ڏيندي چيو آهي ته شرم الشيخ ۾ ٿيل ڳالهين غزه جي جنگ ۾ فيصلائتو موڙ آندو آهي.
مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي جلد پيرس روانو ٿيندو، جتي هو غزه جي صورتحال تي ٿيندڙ وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ته جيئن امن جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.
ٻئي پاسي، اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جنگ بندي اڄ شام اسرائيلي حڪومت جي باضابطه منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندي. هڪ اسرائيلي عهديدار موجب، غزه ۾ موجود 20 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي آچر يا سومر تي امڪان آهي، جنهن کي امن معاهدي جو پهريون عملي مرحلو قرار ڏنو پيو وڃي.
غير ملڪي خبر ايجنسين موجب، حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ معاهدي تي دستخط اڄ متوقع آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته فريقي ڌريون منجهند تائين معاهدي تي باضابطه دستخط ڪري ڇڏينديون، جنهن کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر اسرائيلي فوج جو جزوي انخلا شروع ٿي ويندو.
ان سلسلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو معاهدي جي منظوري لاءِ ٻه خاص اجلاس طلب ڪري ورتا آهن، جڏهن ته اسرائيلي فوج به عملدرآمد جي تيارين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
تل ابيب ۾ يرغمالين جي وارثن اميد جو اظهار ڪندي هن معاهدي کي “امن ڏانهن هڪ مثبت قدم” قرار ڏنو آهي. غزه شهر ۽ خان يونس جي گهٽين ۾ جنگ کان ٿڪيل شهرين هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون، جتي سندن چهرو برسين کانپوءِ امن جي اميد سان روشن نظر آيو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم تي اعلان ڪيو هو ته اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ امن معاهدي تي دستخط مڪمل ٿي چڪا آهن، ۽ اميد ظاهر ڪئي هئي ته سومر کان يرغمالين جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويندو.
عالمي سطح تي هن پيش رفت کي خوش آئند قرار ڏنو پيو وڃي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، پاڪستان جي وزيراعظم ۽ ٻين عالمي اڳواڻن هن معاهدي کي وچ اوڀر ۾ امن جي قيام ڏانهن هڪ اميد افزا ڪوشش قرار ڏنو آهي، جيڪا خطي لاءِ نئين دور جي شروعات ٿي سگهي ٿي.

