غزه لاءِ اميد جو پيغام — اسرائيل ۽ حماس امن معاهدي جي پهرين مرحلي تي راضي، صدر ٽرمپ جي تصديق

Homeاهم خبرغزه لاءِ اميد...

شرم الشيخ: اسرائيل ۽ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪا جي ثالثي هيٺ طئي ٿيل غزه امن معاهدي جي پهرين مرحلي جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد جنگ جو خاتمو ۽ انساني بحران جو حل ڳولڻ آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ هن اهم پيش رفت جو اعلان ڪندي چيو ته معاهدي تحت سڀني يرغمالين جي جلد آزادي ممڪن بڻائي ويندي، جڏهن ته اسرائيلي فوج متفقه حدن جي مطابق غزه مان مرحليوار واپسي شروع ڪندي.

صدر ٽرمپ هن قدم کي امن جي ڊگهي سفر جي پهرين وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته هن عمل ۾ شامل سڀني ڌرين سان انصاف تي ٻڌل ورتاءُ ڪيو ويندو. هن قطر، مصر ۽ ترڪي جي ثالثي واري ڪردار تي خاص طور شڪريو ادا ڪيو.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هي ڏينهن نه صرف عرب ۽ مسلم دنيا، پر اسرائيل، خطي جي سڀني پاڙيسري ملڪن ۽ آمريڪا لاءِ به هڪ تاريخي ڏينهن آهي.

ذريعن موجب، غزه ۾ جنگ بندي جو باقاعده اعلان اڄ متوقع آهي، جنهن جي تفصيلون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون آڻڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف، قطري وزارتِ خارجہ به تصديق ڪئي آهي ته معاهدي جي پهرين مرحلي تي اتفاق ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ جنگ بندي، يرغمالين ۽ قيدين جي آزادي، ۽ انساني امداد جي بحالي شامل آهي.

هن پيش رفت کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو مختصر بيان ۾ چيو ته “اسان پنهنجي سڀني شهرين کي محفوظ واپس آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون، ۽ هي معاهدو اسان جي يرغمالين جي واپسي ڏانهن پهريون قدم آهي.”

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

غزه ۾ عالمي سيڪيورٽي فورس...

واشنگٽن: آمريڪا اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل کان درخواست ڪئي آهي ته غزه ۾ هڪ بين الاقوامي سيڪيورٽي فورس...

غزه ۾ جنگ بندي جو...

قاهره: غزه ۾ سالن کان جاري خونريزي کانپوءِ آخرڪار جنگ بندي جو معاهدو عملي طور تي لاڳو ٿي ويو...

غزه لاءِ آمريڪي صدر جا...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});