عمران خان ۽ پي ٽي آءِ هر فورم تي دهشتگردن جا حامي رهيا آهن: عطا الله تارڙ

Homeاهم خبرعمران خان ۽...

لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي اطلاعات واري وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) هر قومي ۽ عالمي فورم تي دهشتگردن جي حمايت ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انتشار (پي ٽي آءِ) اها واحد سياسي جماعت آهي، جنهن کي نه شهيدن جي قربانين جي پرواهه آهي ۽ نه ئي ملڪ جي سلامتي جي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا الله تارڙ چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي خلاف بهادري سان مقابلو ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته ڪي ماڻهو خيبر پختونخوا ۾ امن قائم ٿيڻ جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، ۽ تحريڪ انتشار جو اصل مقصد صوبو ورهائڻ، حالتون خراب ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون مهيا ڪرڻ آهي.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان ۽ سندس جماعت عالمي سطح تي دهشتگردن جا سهولتڪار رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ جماعت هر فورم تي دهشتگردن جي حمايت ڪئي آهي.

عطا الله تارڙ قومي قربانين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني قوم واحد قوم آهي، جنهن جا ٻار به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون. هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي شاگردن پنهنجي رت سان قربانين جي تاريخ لکي، جڏهن ته خضدار ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي.

هن ٻڌايو ته خيبر پختونخوا جي بهادر عوام، پاڪ فوج، سولين، دڪاندار، ڊاڪٽر، انجنيئر، ٻار ۽ سماج جا سڀ طبقاهه دهشتگردي خلاف جدوجهد ۾ روشن باب آهن. هن اعلان ڪيو ته نيشل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي ۽ سڄي قوم ان مقصد لاءِ متحد آهي.

وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ روزانو دهشتگردي جا واقعا ٿيندا هئا، جن ۾ پريڊ لائن مسجد ڌماڪو به شامل آهي. هن چيو ته فتنہ خوارج جو نه دين سان واسطو آهي نه اسلام سان، ۽ مسجدن ۽ معصوم ماڻهن تي حملو ڪنهن به صورت ۾ جائز ناهي.

عطا الله تارڙ چيو ته آپريشن رد الفساد ۽ ضرب عضب جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو، بازارن جون رونقون واپس آيون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيا.

آخر ۾ هن چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص جي خواهش آهي ته لاشن تي سياست ڪيئن چمڪائجي، جڏهن ته پيپلز پارٽي هميشه “پاڪستان کپي” جو نعرو لڳايو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

عمران خان جي صحت بگڙجي...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته سندن والد...

ڪراچي: پوليس باغ جناح خالي...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڀيرو ٻيهر سياسي ڇڪتاڻ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، جتي پي ٽي آءِ جي...

توشا خانا ٽو ڪيس ۾...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)L اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽...

ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽...

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪلب چوک جي او آر گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});