پاڪ فوج طرفان افغان طالبان فورسز خلاف منھ توڙ جواب ڀرپور طريقي سان جاري آهي، جنهن دوران افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ موجود ڪيترائي ٽينڪ ۽ بڪتربند گاڏيون تباهه ڪيون ويون آهن.
ڪُرم علائقي ۾ ٽينڪ پوزيشن تي حملو
سڪيورٽي ذريعن موجب، ڪُرم جي مخالف علائقي ۾ افغانستان جي پاسي چوٽيءَ تي موجود ٽينڪ پوزيشن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو. پاڪ فوج جي اسٽرائيڪ ۾ افغان طالبان جا ڪيترائي ٽينڪ تباهه ٿي ويا.
ژوب سيڪٽر ۾ پوسٽ تي قبضو
ٻئي طرف، پاڪ فوج طرفان ژوب سيڪٽر ۾ طالبان فورسز جي هڪ اهم پوسٽ تي قبضو ڪيو ويو، جتي پاڪستان جو قومي پرچم بلند ڪيو ويو. ان پوسٽ تي موجود افغان طالبان جي بکتر بند گاڏي (هم وي) کي به تباهه ڪيو ويو.
انگور اڊا سامهون پوسٽ تباهه
پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي دوران انگور اڊا جي سامهون طالبان فورسز جي هڪ ٻي پوسٽ کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو. ڪارروائي دوران پاڪ فوج طرفان ڀاري هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، جنهن سان دشمن جي پوزيشنن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ويو.

