پاڪ فوج طرفان افغان طالبان فورسز خلاف سخت ۽ مؤثر جوابي ڪارروائي جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چمن بارڊر واري علائقي ۾ طالبان جي ڪيترين ئي پوسٽن تي لڪل خوارج ۽ طالبان فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران مارجي ويا.
جوابي ڪارروائي جا نتيجا
سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج جي شديد ڪارروائي کان پوءِ افغان طالبان ۽ خوارج پوسٽون ڇڏي فرار ٿيڻ جي ناڪام ڪوششون ڪرڻ لڳا. چمن بارڊر تي موجود ڪيترين ئي پوسٽن تان دهشتگردن جي فرار جي ڪوشش دوران پاڪ فوج بروقت ڪارروائي ڪندي کين نشانو بڻايو.
وڊيو منظر عام تي
هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ افغان طالبان ۽ خوارجن کي پوسٽون ڇڏي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ قبضه ڪيل افغان پوسٽ جي اندروني منظرن سان گڏ افغان يونيفارم ۽ ڇڏي ويل هٿيار به صاف نظر اچي رهيا آهن.
پوسٽون خالي، دشمن فرار
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گهڻيون افغان طالبان پوسٽون هاڻي خالي ٿي چڪيون آهن، جتان دهشتگرد فرار ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي بروقت ۽ تيز ڪارروائي سان فرار ٿيندڙ دهشتگردن کي به نشانو بڻايو ويو.

