اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن به دشمن ملڪ پاڪستان تي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو ساڳي انداز ۾ جواب ڏنو ويندو، جيئن مئي جي مهيني ۾ ڏنو ويو هو.
ايونِ صدر ۾ اردن جي بادشاهه جي روانگي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فِيلڊ مارشل چيو ته “جنهن ريت الله پاڪ پنهنجي محبوب حضرت محمد ﷺ کي ڪاميابي عطا ڪئي، ساڳي ريت پاڪستان جي عوام ۽ فوج کي به ڪاميابي عطا ٿي.”
هن وڌيڪ چيو ته مئي جي مهيني ۾ جڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي، تڏهن پاڪستان جا بهادر سپاهي الله جي راهه ۾ نڪتا ۽ رب پاڪ جي مدد سان ملڪ کي سرخرو ڪيو ويو.
فِيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته هو الله جي حڪم موجب پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي. هن چيو ته “اسان جو ملڪ امن پسند آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن به دشمن ملڪ جنگ جي شروعات ڪئي ته اسان ساڳي انداز ۾ جواب ڏينداسين، جيئن مئي ۾ ڏنو ويو هو.”
غزوہ اُحد جو حوالو ڏيندي فِيلڊ مارشل چيو ته “جنهن ريت ان جنگ ۾ مٽي اڇلائڻ سان فتح حاصل ٿي، ساڳي ريت پاڪستان جي سپاهين به بهادريءَ سان دشمن جو مقابلو ڪيو.”
هن وڌيڪ چيو ته “الله پاڪ اسان کي فتح عطا ڪئي، اها ڪاميابي صرف ۽ صرف الله جي طرفان آهي. جڏهن مسلمان الله تي ڀروسو ڪري ٿو ته دشمن تي اڇلايل مٽي به ميزائل بڻجي وڃي ٿي.”
ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن فِيلڊ مارشل عاصم منير کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. فِيلڊ مارشل پنهنجي خطاب دوران قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته “جڏهن دشمنن جي تعداد وڌي وئي هئي، تڏهن الله پاڪ جي حڪم سان اڇلايل مٽي به انهن جي اکين کي بند ڪري ڇڏيو هو.”

