اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 1967 کان اڳ واري سرحدن سان گڏ ۽ القدس الشريف کي دارالخلافه قرار ڏيندي، هڪ مضبوط ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جو قيام پاڪستان جي مشرقِ وسطىٰ پاليسي جو بنياد رهيو آهي ۽ رهندو.
وزيراعظم پنهنجو ٻه ڏينهن وارو دورو شرم الشیخ، مصر مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو، جتي هن غزه امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. مصر جي وزير ثقافت احمد فواد ھنو طرفان وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو ويو.
شرم الشيخ مان روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته غزه تي مسلط ڪيل نسل ڪشي جي مهم کي روڪڻ پاڪستان جي ترجيحن مان سڀ کان اهم هئي، ۽ ان مقصد لاءِ ٻين برادر ملڪن سان گڏجي آواز بلند ڪيو ويو.
هن صدر ٽرمپ جي امن لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته، “اسان صدر ٽرمپ جي ان منفرد ڪردار جي تعريف جاري رکنداسين، جنهن سان فلسطيني عوام جي آزادي، وقار ۽ خوشحالي لاءِ اميد پيدا ٿي آهي.”
وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني عوام جي حقن جي حمايت ڪندو رهندو، ۽ انشاءَ الله، القدس الشريف کي ھاڌيءَ جو ھنڌ بڻائيندي، 1967 کان اڳ واري سرحدن سان گڏ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام پاڪستان جي خارجي پاليسي جو بنيادي اصول رهندو.

