اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي.
ذريعن موجب، اجلاس دوران افغان طالبان، فتنتھ الھندستان ۽ فتنتھ الخوارج جي تازن حملن تي به غور ڪيو ويندو، جڏهن ته ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي.
وزيراعظم پنهنجي مصر ۽ شرم الشيخ ۾ امن سربراهي اجلاس دوران ٿيل ملاقاتن بابت ڪابينا ميمبرن کي آگاهه ڪندو.
اجلاس ۾ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلا به توثيق لاءِ پيش ڪيا ويندا، جن تي حتمي منظوري جو امڪان آهي.

