وزيراعظم ڪنفيوزڊ آهي، پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ جي عوام کي رليف کان محروم ڪري رهي آهي:بلاول ڀٽو زرداري

Homeاهم خبروزيراعظم ڪنفيوزڊ آهي،...

اسلام آباد (سنڌ نيوز آن لائن) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي جنگ جو وقت آهي ته اسان جو وزيراعظم موجود ناهي، وزيراعظم ڪنفيوزڊ آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوريون نه پيو ڪري.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق کي اسان سان گڏ بيهڻ گهرجي ها ۽ جتي صوبائي حڪومت هڪ پئسو خرچ ڪري رهي آهي، اتي وفاق کي 10 رپيا خرچ ڪرڻ گهرجن ها، اسان رڳو درخواست ڪري سگهون ٿا ته سهڪار ڪيو وڃي.

هن چيو ته دنيا ۾ طبي عملي کي پيڪيج ڏنا پيا وڃن ۽ خراج پيش ڪيو پيو وڃي پر پاڪستان ۾ ڇا ٿيندو آهي، بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ۽ پنجاب ۾ ڊاڪٽرن کي بک هڙتال ڪرڻي پوندي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن جا بيان ذميواراڻا هوندا آهن، ڇو ته انهن کي احساس آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه چوندا آهن ته ان سان اسان جي رهنمائي ٿيندي آهي پر بدقسمتي سان وفاقي حڪومت جي ڪراچي مان چونڊيل اڳواڻن جا بيان غير ذميواراڻا هوندا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو مڪمل لاڪ ڊائون، سمارٽ لاڪ ڊائون يا نرمي ڪرڻي آهي ته توهان فيصلو ڪيو پر انهن سڀني جي اثر آهن، جڏهن ته جيڪو پهريون لاڪ ڊائون ڪيو ويو، ان جو فائدو ٿيو هو، لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان الله نه ڪري ڪيسن ۽ فوتگين ۾ واڌ ٿي ته ان لاءِ اسپتالن ۾ بسترن جي سهولت سميت ٻي تياري به ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي صوبن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

پ پ چيئرمين موجب اسان جي حڪومت ٻوڏن ۽ زلزلن ۾ ڪڏهن نه چيو ته صوبن جي مدد نه ڪنداسين پر اسان وڌ کان وڌ مدد ڪئي، جيترا بيان اسان هڪٻئي خلاف ڏيندا آهيون، اهي ڪورونا وائرس بابت آگاهي لاءِ ڏيون ته فائدو ٿيندو.

هن چيو ته ڇا معاشي ڏکيائيون ٻين ملڪن لاءِ ناهن، بنگلاديش، ڀارت، نائجيريا، آفريقا، ايٿوپيا ۽ افغانستان ۾ معاشي مسئلا آهن، جيڪڏهن اهي ملڪ به لاڪ ڊائون ڪري سگهن ٿا ۽ معيشت کي به سنڀالي ٿا سگهن، پنهنجي عوام کي رليف به ڏئي ٿا سگهن ته پاڪستان ائين ڇو نه ڪري سگهي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف حڪومت ڪورونا رليف آرڊيننس منظور نه پئي ڪري، جيڪو ان ئي وبا سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ آهي پر سنڌ ۾ رليف کي پي ٽي آءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مان مطالبو ٿو ڪيان ته گورنر اڄ ئي آرڊيننس منظور ڪري.

پ پ چيئرمين موجب تحريڪ انصاف حڪومت اسان کي ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي، مان رڳو سنڌ جي نه پر سڄي پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جڏهن پاڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته اسان جو وزيراعظم، وزيراعظم بڻجڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، هو خوش آهي ته مان پي ٽي آءِ جو وزيراعظم آهيان پر ائين نه وفاق هلندو آهي، نه رياست ۽ نه حڪومت ٿي هلي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪيترائي موضوع آهن پر انهن تي وبا کانپوءِ ڳالهائيندس، هن وقت مون کي توهان سان ناهي وڙهڻو، هن وقت توهان خلاف ڪا چونڊ نٿو وڙهان، اسان وائرس خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جيستائين وبا آهي، وزيراعظم کي پنهنجي بيٽنگ آرڊر تي غور ڪرڻ گهرجي، ذميوار ۽ تجربي ڪار ماڻهن کي سامهون رکي، جيڪي اسان سان ڳالهيون ڪري سگهن ۽ تميز سان ڳالهيون ڪن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده...

دهشتگردي کي پاڪستان جي سرحدن...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، پر انهن...

ڪراچي: پوليس باغ جناح خالي...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڀيرو ٻيهر سياسي ڇڪتاڻ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، جتي پي ٽي آءِ جي...

هر شهري کي مذهب جي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شهري کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});