اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان عبوري حڪومت جي درخواست تي پاڪستان جنگ بندي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
خبر ايجنسي موجب، افغان طالبان حڪومت پاڪستان کان جنگ بندي ۾ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا دوحه ۾ هلندڙ ڳالهين جي پڄاڻي تائين وڌائي وئي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جاري تڪرار دوران 48 ڪلاڪن جي عارضي جنگ بندي اڄ شام 6 وڳي ختم ٿيڻي هئي.
خبر ايجنسي جو چوڻ آهي ته افغان طالبان حڪومت طرفان جنگ بندي جي واڌ لاءِ درخواست قطر جي ذريعي پاڪستان تائين پهچائي وئي.
پاڪستان پاران افغان عبوري حڪومت جي درخواست تي جنگ بندي ۾ واڌ
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

