راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي مسلسل ٽئين ڀيري غير حاضري تي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. عدالت جي جج امجد علي شاهه جي عدالت ۾ 26 نومبر جي احتجاج بابت داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عليمه خان سميت 11 جوابدارن خلاف ڪارروائي ٿي.
عدالتي ڪارروائي دوران عليمه خان کانسواءِ باقي 10 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته استغاثي جا پنج شاهد به مال ڪيس سميت عدالت ۾ موجود هئا. عليمه خان جي غير حاضري تي عدالت ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي، سندس ضامن عمر شريف جي به گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت ايس پي پوليس کي حڪم ڏنو ته عليمه خان کي گرفتار ڪري 22 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ان سان گڏ عدالت ضامن جي ملڪيت جي دستاويزن جي تصديق لاءِ ڊي سي راولپنڊي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
پراسيڪيوٽر ظهير شاهه عدالت کي آگاهه ڪيو ته ملزمه دانسته طور تي عدالت ۾ پيش نه ٿي رهي آهي ۽ سندس رويو عدالتي ڪارروائي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي رهيو آهي. عدالت طرفان سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون ته قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو وڃي.

