اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسرائيل جي طرفان مقبوضه اولهه ڪناري کي پنهنجي رياست ۾ شامل ڪرڻ جي تڪراري فيصلي کي سختي سان رد ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي، اهڙين غير قانوني حرڪتن کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، پاڪستان اسرائيلي قانون ساز اداري ۾ پيش ڪيل مجوزه قانون جي سخت مذمت ڪري ٿو، جيڪو اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، بين الاقوامي قانونن ۽ فلسطيني عوام جي ناقابل تنسيخ حقن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته اهڙا اشتعال انگيز ۽ غير قانوني قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي ڪمزور ڪن ٿا. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل جي قبضي واري فوج کي بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙين تي جوابده بڻائي.
پاڪستان پنهنجي عزم کي ٻيهر ورجائيندي چيو آهي ته هو علائقائي ۽ عالمي ساٿين سان گڏجي فلسطيني عوام جي حقن جي تحفظ، سندن خود ارادي جي حق، ۽ امن، انصاف ۽ وقار جي فراهمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
پاڪستان هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ جغرافيائي طور ڳنڍيل فلسطيني رياست جي قيام جو حامي آهي، جيڪا 1967 کان اڳ واري سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن جو گادي جو هنڌ القدس الشريف هجي.

