لاهور(ويب ڊيسڪ) مشهور يوٽيوب شخصيت سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي جي زال عروب جتوئي خلاف غير قانوني آن لائن جوا ايپ جي تشهير بابت هلندڙ ڪيس ۾ عدالت عبوري ضمانت ۾ 6 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
رپورٽن موجب، عروب جتوئي عبوري ضمانت جي مدت ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿي، جتي ٻڌڻي دوران عدالت تفتیشي آفيسر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس بابت جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
ياد رهي ته ڊڪي ڀاءُ، عروب جتوئي ۽ ٻين يوٽيوبرز تي الزام آهي ته انهن هڪ غير قانوني آن لائن جوا ايپ جي تشهير ڪئي، جنهن سبب ڪيترن ئي شهرين کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
عدالتي ڪارروائي دوران ڪيس جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ان معاملي بابت بحث پڻ زور وٺي رهيو آهي. قانوني ماهرن موجب، اهڙي نوعيت جا ڪيس سوشل ميڊيا جي ذميواري ۽ اثرن بابت اهم مثال بڻجي سگهن ٿا.

