اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندراني چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان وڌيڪ تڪرار نٿو چاهي ۽ اميد آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي.
اهو بيان هن اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران ڏنو، جتي هن وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري بابت تفصيل پڻ پيش ڪيا. ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ رياض ۾ “فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو” ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
ان دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي عرب جي وزير دفاع سان اهم ملاقات ڪئي، جڏهن ته مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفوني رابطن ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي.
ترجمان طاهر اندراني واضح ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ افغانستان سان لاڳاپن کي تڪراري رخ ڏيڻ نٿو چاهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي سرزمين مستقبل ۾ پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي، جيئن خطي ۾ استحڪام قائم رهي.

