دوحا (ويب ڊيسڪ) صدرِ مملکت آصف علي زرداري ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويا، جتي حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطري اختيارين ۽ پاڪستان جي سفير پاران سندن پرجوش آجيان ڪئي وئي.
صدر زرداري عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا، جتي هو سماجي ترقي، جامع معاشي واڌاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي روشني وجهندو.
هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪردار ۽ سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو.
صدرِ دوحا الائنس فار سوشل پروٽيڪشن اينڊ جابز ڪمپيڪٽ جي شروعاتي قدمن تي به ڳالهائيندو، جڏهن ته عالمي ترقياتي هدفن، مالي وسيلن جي حصول ۽ ايس ڊي جي اسٽيمولس جهڙن عالمي قدمن جي اهميت تي زور ڏيندو.
دوري دوران، صدر زرداري مختلف عالمي ۽ علائقائي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو ته جيئن سماجي ۽ معاشي ترقي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ملي سگهي.

