منامه: صدرِ مملڪت آصف علي زرداري کي بحرين جو اعلى ترين اعزاز عطا ڪيو ويو.
سرڪاري ميڊيا موجب، بحرين جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري جي قصر القضيبية آمد تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ شاهه حمد بن عيسى آل خليفه سان ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفي تعلقات جي واڌ ويجهه تي اتفاق ڪيو ويو.
پاڪستان ۽ بحرين جي ڀائيچاري واري تعلقات کي نئين رخ ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو. ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري کي بحرين جو اعلى ترين اعزاز وسام الشيخ عيسى بن سلمان آل خليفة من الدرجة الأولى عطا ڪيو ويو.
صدرِ مملڪت کي هي اعزاز ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعلقات جي واڌ ۽ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو.
صدر زرداري ۽ شاهه حمد بن عيسى آل خليفه جي ون آن ون ملاقات ۾ لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
صدر زرداري بحرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ زراعت، آءِ ٽي، صحت، سياحت ۽ انفرا اسٽرڪچر ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي زور ڏنو.
ملاقات دوران دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون کي پاڪ.بحرين تعلقات جو اهم ستون قرار ڏنو ويو. عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي به خيالن جو ڏي وٺ ٿي ۽ اتحاد ۽ برداشت تي زور ڏنو ويو.
صدر زرداري چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل آهي۔ هن بحرين ۾ رهندڙ هڪ لک 16 هزار پاڪستانين لاءِ سهولتن جي فراهمي تي شڪرگذاري جو اظهار ڪيو.
ملاقات ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي اسلام آباد کي پاڪ-بحرين دوستي جي علامت قرار ڏنو ويو۔ ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن سميت عالمي فورمن تي ويجها رابطا رکڻ تي اتفاق ڪيو۔
شاهه حمد بن عيسى آل خليفه چيو ته صدر آصف علي زرداري جو دورو ٻطرفي تعلقات ۾ اهم سنگ ميل آهي۔ هن بحرين ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو۔
بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ ظهراڻي جو اهتمام ڪيو ويو۔

