ڪاشگهر(ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چين جي شهر ڪاشغر ۾ تاريخي عيدگاهه مسجد جو دورو ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي آف ڪاشغر جي سيڪريٽري ۽ مسجد جي امام صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو.
صدر کي مسجد جي تاريخي اهميت ۽ ورثي بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر مسجد ۾ عصر جي نماز ادا ڪئي ۽ مسجد جي شاندار فن تعمير جي تعريف ڪئي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ٻنهي ملڪن جا سفير پڻ صدر سان گڏ هئا.

