دوحه (ويب ڊيسڪ) صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ اميرِ قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران قطر جي امير ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪيو.
ملاقات دوران قطر جي امير چيو ته قطر کي پاڪستان ۽ ان جي ڪاميابين تي فخر آهي. هن قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي، انهن جي تعداد ۾ واڌ جي خواهش ظاهر ڪئي.
صدر زرداري اميرِ قطر کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي نيڪ تمنائن جو پيغام ڏنو. ٻنهي اڳواڻن تاريخي ۽ ڀائيچاري وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر زرداري قطر جي ترقي ۽ اميرِ قطر جي بصيرت ڀري قيادت جي تعريف ڪئي.
قطر جي امير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي کي بروقت ۽ خوش آئند قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، جيڪو چين، مغرب ۽ خليجي ملڪن سان گڏ لاڳاپا قائم رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
صدر زرداري قطر جي امير کي دفاع، دفاعي پيداوار، زراعت ۽ خوراڪ جي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي قطري امير رضامندي ظاهر ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري رابطي جي هدايت ڪئي.
صدر زرداري قطر جي دوحه ڳالهين جي ميزباني ۽ افغانستان بابت ڪردار جي واکاڻ ڪئي. قطر جي امير اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ افغانستان موجوده مسئلا حل ڪري، نون چئلينجن کي پوئتي ڇڏيندا.
قطر جي امير صدر زرداري جي دعوت قبول ڪندي 2026 جي شروعات ۾ پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪيو.
ملاقات دوران پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هو.

