پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 24 ڪلاڪن ۾ 46 ڄڻا فوت، هڪ هزار 932نوان ڪيس ظاهر

Homeاهم خبرپاڪستان ۾ ڪورونا...

ڪراچي/اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس 24 ڪلاڪن دوران 46شهرين کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار 932نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ متاثرن جو انگ 45 هزار 898 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾17 هزار 947، پنجاب ۾ 16هزار 685، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 554، بلوچستان ۾2 هزار 885، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 113، گلگت بلتستان ۾ 556 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 133شهري وائرس ۾ وٺجي ويا، آهن، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 985 ٿي ويو، 12 هزار 489 شهري وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

سنڌ ۾ ڪورونا سان وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 1017 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 316 ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته 1017 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 18 هزار 946 تي پهچي چڪو آهي، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 904 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 645 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 104 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن. سرڪاري پورٽل موجب نون ڪيسن کانپوءِ شهر ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 1138 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وفاقي تخت گاهه ۾ وائرس سان 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 151 ٻڌايو ويو آهي. آزاد ڪشمير ۾ اربع ڏينهن ڪورونا جا وڌيڪ 18 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن. پورٽل موجب علائقي ۾ متاثرن جو انگ 133 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 77 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست پڻ ڏئي ڇڏي آهي. آزاد ڪشمير ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سبب هڪ فوتگي سامهون آئي آهي. پنجاب ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 709 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 16685 ٻڌايو ويو هو. پي ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته وڌيڪ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو مجموعي انگ 290 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ هيل تائين 5067 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. بلوچستان ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ 193 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 2885 ٿي ويو هو. صوبائي حڪومت جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ هيل تائين 38 ڄڻا وائرس سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جوانگ 608 آهي. خيبر پختونخواهه ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 11 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 345 ٿي ويو هو. صوبائي صحت کاتي موجب 324 نون مريضن کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 6554 ٿي چڪو آهي. ڪي پي ۾ هيل تائين 2058 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. گلگت بلتستان ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ 6 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 556 ٻڌايو ويو هو. گلگت ۾ هيل تائين 4 ڄڻا ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويا آهن، جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 390 آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستان...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اسپيشل رپورٽيورز ۽ خاص ماهرن هڪ جامع رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾...

پاڪستان جلد قرضن کان نجات...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ان شاءَ الله اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان...

پاڪستان تي جنگ مڙهڻ جي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، پر...

افغانستان دهشتگردن خلاف قدم کڻي،...

اسلام آباد (نمائندو خصوصي) وزيراعظم شهباز شريف عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي افغان حڪومت کي واضح پيغام ڏنو...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});