اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي چيئرمين سيدالناصر جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس جاري آهي، جتي قومي اسيمبلي مان منظور ڪيل ستائيهين آئيني ترميم جو نئون مسودو منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 56 شقن تي مشتمل بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ اهم آئيني شقن ۾ تبديليون شامل آهن.
– پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر جو موقف آهي ته منحرف ميمبر آرٽيڪل 63(اي) تحت نااهل ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري اهي ترميم تي ووٽ نٿا ڏئي سگهن.
– ترميمي بل مان آرٽيڪل 255، 214، 168(2) ۽ 42 جون تبديليون حذف ڪيون ويون آهن، جيڪي اڳ سينيٽ منظور ڪري چڪي هئي.
– قومي اسيمبلي طرفان آرٽيڪل 6(2A)، 10(2A)، 176 ۽ 260 ۾ اضافي تبديليون شامل ڪيون ويون، جن ۾ خاص طور تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدو واضح ڪيو ويو.
– وفاقي آئيني عدالت کي به آرٽيڪل 6(2A) تحت شامل ڪيو ويو.
– قومي اسيمبلي طرفان مجموعي طور تي 8 اضافي تبديليون منظور ڪيون ويون، جڏهن ته سينيٽ کان اڳ ۾ منظور ٿيل 4 شقون حذف ڪري 3 نيون تبديليون شامل ڪيون ويون.
– وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ منجهند جو طلب ڪيو ويو آهي، جتي آئيني ترميم جي روشنيءَ ۾ قانونن ۾ تبديليون منظور ڪيون وينديون.
– گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ستائيهين آئيني ترميم ٻن ٽهائي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي، جتي حڪومت وٽ 234 ميمبرن جي حمايت موجود هئي، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

