ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو، جتي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ اعليٰ صوبائي عملدارن سندن استقبال ڪيو.
دوري دوران وزيراعظم نيو شاليمار ايڪسپريس ۽ ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي جديد سهولتن سان آراسته انتظارگاهن ۽ لائونجز جو افتتاح ڪندا. تقريب جي ڪارروائي ۽ وزيراعظم جو خطاب پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ڪيو ويندو.
هي دورو شهري سهولتن جي بهتري ۽ ريلوي نظام جي جديدڪاري جي حوالي سان اهميت رکي ٿو، جتي عوام لاءِ سفر کي وڌيڪ آرامده ۽ محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

