اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي خاص دعوت تي فيوچر سيڙپڪاري واڌاري جي نائين عالمي گڏجاڻي ۾ شرڪت لاءِ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ رياض روانو ٿي ويو.
وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن وارو سينيٽر اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ڄاڻ ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ بلال بن ثاقب شامل آهن.
رياض ۾ ٿيندڙ هن گڏجاڻي ۾ دنيا جا ناليوارا اڳواڻ، سيڙپڪار، پاليسي ٺاهيندڙ ۽ مختلف شعبن جا ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن، جتي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
وزيراعظم گڏجاڻي دوران پائيدار واڌاري، اقتصادي شراڪتداري، نواڻ ۽ عالمي سياسي تبديليءَ تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو، جن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي وسيلن جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون. ان سان گڏ عالمي ۽ علائقائي دلچسپيءَ وارا معاملا پڻ بحث هيٺ ايندا.
وزيراعظم گڏجاڻي ۾ شرڪت لاءِ آيل عالمي اڳواڻن ۽ ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪندو، جتي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پائيدار واڌاري بابت سهڪار جي امڪانن تي ڳالهيون ٿينديون.

