راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف ڊي فنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران مملڪت جو اعليٰ ترين قومي اعزاز “ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينس” عطا ڪيو ويو، جيڪو خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي فرمان تحت ڏنو ويو.
دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات سعودي وزير دفاع، شهزادا خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٿي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ علاقائي سلامتي، دفاعي ۽ عسڪري تعاون، اسٽرٽيجڪ شراڪت ۽ بدلجندڙ جغرافيائي چيلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي ٻيهر تصديق پڻ ڪئي وئي. سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي اعزاز جي عطا ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ڀائيواري ۽ گڏيل اعتماد جي اهميت وڌيڪ اجاگر ٿي آهي، جيڪو مستقبل ۾ گڏيل سلامتي ۽ اسٽرٽيجڪ تعاون کي نئون رخ ڏئي سگهي ٿو.

