اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي مدت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اهم سهارو مهيا ٿيو آهي.
ذريعن موجب سعودي ڊويلپمينٽ فنڊ 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ ۾ هڪ سال جو اضافي عرصو شامل ڪري ڇڏيو آهي. هي ڊپازٽ جنهن جو مدو اڄ ختم ٿي رهي هو، هن واڌ کان پوءِ ايندڙ سال تائين برقرار رهندو.
سعودي عرب جا 3 ارب ڊالر هن وقت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وٽ جمع آهن، جيڪي پاڪستان جي زرمبادلا ذخائر کي سنڀالڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته سعودي عرب 2021ع ۾ پاڪستان سان 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جو معاهدو ڪيو هو، جنهن جو مقصد پاڪستان جي معاشي ضرورتن ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو.

